سنڌي ادب محل پبليڪيشن

سنڌي ادب محل پبليڪيشن: سنڌي ادب محل پبليڪيشن شڪارپور جو بنياد 1966ع ۾ بيدل مسرور بدويءَ وڌو. غلام رسول ميمڻ، عبدالغني، سليم چنا ۽ نديم قاضي ساڻس سهڪاري ۽ ٻانهن ٻيلي هئا. سنڌي ادب محل پبليڪيشن پاران افسانوي ادب جي اشاعت طرف توجهه ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ 1970ع ۾ بيدل مسرور جو ڪتاب ’چند هنگاما‘ شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ بيدل مسرور جون طبعزاد ڪهاڻيون ڏنل آهن. ’ڏوراپو‘ نالي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو نديم قاضيءَ جو لکيل پڻ ساڳئي سال پڌرو ڪيو ويو. 1971ع ۾ بيدل مسرور جو
’راڻي‘ ناولٽ ۽ نديم قاضي جي ڪهاڻين جو مجموعو ’منزل ايندي ماڳ به ايندا‘ شايع ٿيا، بعد ۾ ’جندڙي‘ ۽ ’ڪاڪ محل‘ به ڇپايا ويا. هن پبليڪيشن پاران هر مهيني گلشن سيريز جي نالي سان سلسليوار رسالو به شايع ڪيو ويندو هو، جنهن جي ادارت جا فرائض غلام رسول ميمڻ سرانجام ڏيندو هو. ادب محل پبليڪيشن پاران اشاعتي سلسلي کان سواءِ ادبي ميڙاڪن، مشاعرن ۽ موسيقيءَ جي محفلن جو به اهتمام ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ شڪارپور شهر کان علاوه ٻاهريان اديب، شاعر ۽ فنڪار اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. هن اداري تمام وڏا ڪم ڪيا، جنهن ڪري هن جون خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.


لفظ سنڌي ادب محل پبليڪيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو